پچ 1

پچ 1 (Pitch): ڪنهن آواز جو مدار ان جي مخصوص سطح يا پچ تي هوندو آهي. ڳائڻ جي محفل ۾ ساز وڄائيندڙ، ساز جي تارن کي ڇڪڻ کان پوءِ اهڙو آواز پيدا ڪندو آهي، جو ڳائيندڙ جي آواز سان ٺهڪي ايندو آهي، اهڙي طرح طبلي نواز، طبلي جي پڙدي جي ڇِڪ کي صحيح ڪندو رهندو آهي. دراصل اهي ماڻهو پنهنجي ساز مان نڪرندڙ آواز جي تعداد يعني هڪ سيڪنڊ ۾ نڪرندڙ لهرن جي تعداد کي گهٽائيندا وڌائيندا آهن. عورتن ۽ ٻارن جي آواز جي سطح يا پچ وڌيڪ ٿئي ٿي، جڏهن ته مردن جي آوازن جي سطح يا پچ گهٽ ٿئي ٿي. دوستن جو آواز سولائيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ٻه دوست پاڻ ۾ ڳالهائيندا هجن، چاهي انهن جي آواز جي بلندي ۽ پچ برابر ڇو نه هجي، پوءِ به انهن جي شڪل ڏسڻ کانسواءِ ئي انهن جو آواز سڃاڻي سگهبو آهي. اهڙيءَ طرح بانسريءَ جي آواز ۽ طبلي جي آواز ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو. آواز جي خاصيت سبب مختلف آوازن ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو